SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Debt Crisis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • det
  • kraisis
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Debt Crisis

ڊيٽ ڪرائسز

قرضن جي ادائگيءَ جوگهوٽالو

نون اُُسرندڙ صنعتي ملڪن طرفان عالمي ادارن کان تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ ورتل اهڙو قرض ، جيڪوغلط معاشي رٿابنديءَ سبب مٿانئن بار بڻجي وڃي ۽ اُهي ورتل قرض لاهڻ يا انهن جي مقرر ادائگي ڪرڻ جي جستجو ۾ سخت ۽ ڊگهي معاشي دٻاءَ جو شڪار ٿي وڃن. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ تيل جوملهه وڌڻ ، ڏيساور سامان موڪلڻ ۾ گهٽتائيءَ ، ورتل قرضن تي وياجن جي ڳري شرح ، قرضن جي واڌو فراهميءَ ۾ رنڊڪن ، حڪومتي ڪرپشن ۽ گهرو خرچن ۾ واڌ سبب هن قسم جي گهوٽالي جنم ورتو، جنهنڪري 1980ع جي ڏهاڪي ۾ اهڙن قرضن جو بار 1- ٽرلين ڊالرن کان به وڌي ويو. اهڙن معاشي گهوٽالن جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ اڪثر ملڪ ڏيوالي کان بچڻ لاءِ وڌيڪ ڪڙن شرطن تي قرض کڻندي يا قرضن جي ادائگيءَ جو نئون طريقو(Debt Re-structuring) طئي ڪندي اڃا وڌيڪ دٻاءُ جو شڪار ٿين ٿا. انهيءَ ڪري اهڙن ملڪن کي پنهنجي خودمختياريءَ تي سمجهوتو ڪري ، قومي مفادن جي اُبتڙ ۽ قرض ڏيندڙ ادارن جي مرضيءَ موجب فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جن جي نتيجي ۾ وڏا وڏا سياسي بُحران جنم وٺن ٿا ۽ حڪومتي تبديلين سميت ، بغاوتون ۽ وڳوڙ ٿين ٿا. عام طرح ٿوري مُدي وارا بانڊ ، ناڻي جي مُلهه ۾ گهٽتائي ، رٿابنديءَ جي اڻاٺ سبب قرضن وارا گهوٽالا هن قسم جي صورتحال کي جنم ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا


Remember Me Also:

ٽاٽائڻ

مصدر. نَٽائڻ ، لَنوائڻ. گُسائڻ. ڪن ٽارَ ڪَرَڻُ. ٽاٽائيو ، ٽاٽائيندو ، ٽاٽايل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal